تذڪره مشاهير تعلقه ڳڙهي ياسين

تذڪره مشاهير ، تعلقه ڳڙهي ياسين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حاجي عبدالحميد سومري مرزا پوريءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ تعلقي ڳڙهي ياسين جي شاعرن، عالمن، اديبن، شاعرن، سگھڙن، قلمڪارن، قانوندانن، آفيسرن، زميندارن، ليکڪن، عمارتن، لائبريرين، ملهه پهلوانن، باغن ۽ واهن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني ويئي آهي. 52 صفحن تي مشتمل سادي ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي. هيءُ ڪتاب 2004ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو